- Advertisement -
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته رياستي مفادن تي سمورين ڌرين ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي، انصاف رڳو ٿيڻ نه گهرجي پر ٿيندي نظر به اچڻ گهرجي، مخالف ڌر حڪومت جي هر ڳالهه نه مڃيندي ۽ نه وري حڪومت سندن مطالبو قبول ڪندي، تحريڪ انصاف جا مطالبا سامهون ايندا ته ڳالهيون مڪمل ٿيڻ جي وقت جي خبر پئجي سگهندي.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڳالهين ۾ انهن ڳالهين تائين پهچي سگهجي ٿو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين لاءِ آساني هجي، جيڪڏهن اهي تحريڪ انصاف باني جي آزادي جي ڳالهه ڪن ٿا ته ڇا ڳالهيون وزيراعظم سان ٿي سگهيون ٿيون؟.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي مطالبا بليڪ اينڊ وائٽ ۾ ايندا ته هو به ان جو طريقيڪار به پڇندا ۽ بعد ۾ هو به لکي ڏيندا.
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو ته رياستي مفادن تي سمورين ڌرين ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي، انصاف رڳو ٿيڻ نه گهرجي پر ٿيندي نظر به اچڻ گهرجي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جا مطالبا سامهون ايندا ته ڳالهيون مڪمل ٿيڻ جي وقت جي خبر پئجي سگهندي، سندس خيال آهي ته 2 جنوري تي پي ٽي آءِ جو چارٽر آف ڊمانڊ اچي ويندو.
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، قانوني ٽيم مدرسن جي رجسٽريشن بل تي غور ڪري رهي آهي، مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته جيڪي مدرسا وزارت تعليم سان هئڻ چاهن ٿا کين ان تي اعتراض ناهي.- Advertisement -
