ريپبلڪن اڳواڻ مائيڪ جانسن هڪ ڀيرو ٻيهر امريڪي ايوان نمائندگان جو اسپيڪر چونڊجڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو

- Advertisement -
نئين چونڊيل امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حمايت حاصل ڪندڙ ريپبلڪن اڳواڻ مائيڪ جانسن هڪ ڀيرو ٻيهر امريڪي ايوان نمائندگان جو اسپيڪر چونڊجڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. امريڪي ميڊيا موجب، ڪانگريس جي پهرين ڏينهن ريپلڪن اڳواڻ مائيڪ جانسن پهرين مرحلي ۾ ووٽنگ ذريعي انتهائي گھٽ فرق سان ايوان نمائندگان جو اسپيڪر چونڊجي ويو. مائيڪ جانس کي 218 جڏهن ته ڊيموڪريٽ اڳواڻ حڪيم جيفريز کي 215 ووٽ مليا. رپورٽ موجب، شروعاتي 3 ريپبلڪن ميمبر رالف نورمن (ڏکڻ ڪيرولائنا)ڪيٿ سيلف (ٽيڪساس) ۽ ٿامس ميسي (ڪينٽڪي) جانسن جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته نورمن ۽ سيلف جانسن سان مختصر ملاقات کانپوءِ پنهنجي ووٽ تبديل ڪيو. ٻئي پاسي ڊيموڪريٽڪ ميمبرن اقليتي اڳواڻ حڪيم جيفريز جي حق ۾ ووٽ ڏنو. رپورٽن مطابق، ريپبلڪن هاڻي ايوان نمائندگان ۽ سينيٽ ٻنهي تي باضابطه ڪٽرول حاصل ڪري ورتو ۽ ميمبرن قسم به کڻي ورتو. سومر ڏينهن ڪانگريس جو ٻيهر اجلاس ٿيندو جنهن ۾ نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي تصديق به ڪئي ويندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.7 ° C
19.7 °
19.7 °
21%
3.5m/s
1%
اربع
20 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون