- Advertisement -
نئين چونڊيل امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حمايت حاصل ڪندڙ ريپبلڪن اڳواڻ مائيڪ جانسن هڪ ڀيرو ٻيهر امريڪي ايوان نمائندگان جو اسپيڪر چونڊجڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
امريڪي ميڊيا موجب، ڪانگريس جي پهرين ڏينهن ريپلڪن اڳواڻ مائيڪ جانسن پهرين مرحلي ۾ ووٽنگ ذريعي انتهائي گھٽ فرق سان ايوان نمائندگان جو اسپيڪر چونڊجي ويو.
مائيڪ جانس کي 218 جڏهن ته ڊيموڪريٽ اڳواڻ حڪيم جيفريز کي 215 ووٽ مليا.
رپورٽ موجب، شروعاتي 3 ريپبلڪن ميمبر رالف نورمن (ڏکڻ ڪيرولائنا)ڪيٿ سيلف (ٽيڪساس) ۽ ٿامس ميسي (ڪينٽڪي) جانسن جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته نورمن ۽ سيلف جانسن سان مختصر ملاقات کانپوءِ پنهنجي ووٽ تبديل ڪيو.
ٻئي پاسي ڊيموڪريٽڪ ميمبرن اقليتي اڳواڻ حڪيم جيفريز جي حق ۾ ووٽ ڏنو.
رپورٽن مطابق، ريپبلڪن هاڻي ايوان نمائندگان ۽ سينيٽ ٻنهي تي باضابطه ڪٽرول حاصل ڪري ورتو ۽ ميمبرن قسم به کڻي ورتو.
سومر ڏينهن ڪانگريس جو ٻيهر اجلاس ٿيندو جنهن ۾ نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي تصديق به ڪئي ويندي- Advertisement -
