تازه ترين

زرعي شعبي ۽ دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو : محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته زرعي شعبي ۽ دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو، حڪومت ڀلي ڪنهن جي به هجي پاليسين ۾ تسلسل هئڻ گهرجي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ فيصلا اڻٽر آهن، حڪومت جي بهتر پاليسين سبب مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، خانگي شعبي معيشيت مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪراچي ۾ چيمبر آف ڪامرس کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت جي بهتر پاليسين سبب مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، سموريون ملٽي نيشنل ڪمپنيون ۾ بهتر ناڻو ڪمائي رهيون آهن، ميڊ ان پاڪستان پراڊڪٽس کي سموري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ڌرڻن ۽ ريلين  تي روزاني 90 ارب رپين جو خرچ ٿيندو آهي، سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته مشڪل سياسي صورتحال باوجود سيڙپڪار پاڪستان جو رخ ڪري رهيا آهن، خانگي شعبي کي معاشي ترقي  جي قيادت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته پيٽروليم شين جي سمگلنگ کي روڪيو ويو آهي، منع ٿيل شين جي سپلاءِ ۽ وڪري کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪن پيا، ٽن صوبن ۾ قدم کڻي چڪا آهن، سنڌ سرڪار سان گڏجي به قدمن کي قطعي شڪل ڏيڻي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته زرعي شعبي ۽ دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو، حڪومت ڀلي ڪنهن جي به هجي پاليسين ۾ تسلسل هئڻ گهرجي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ فيصلا اڻٽر آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
25 %
1kmh
14 %
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون