- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي تي قوم کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته مهانگائي جي شرح ڇهن سالن جي گهٽ ترين شرح تي اچي وئي آهي، 4 آڪٽوبر 2018ع کانپوءِ پرائس انڊيڪس گهٽ ترين سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، مهانگائي جي شرح ۾ 39 ڏهائي 11 سيڪڙو جي گهٽتائي معاشي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽ ٿي ساڍا ٽي سيڪڙو تي اچڻ تي سڄي قوم کي مبارڪ ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته الله جي ڪرم ۽ معاشي ٽيم جي ڪوششن سان مهانگائي جي شرح گذريل ڇهن سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي.
هن چيو ته 4 آڪٽوبر 2018ع کانپوءِ پرائس انڊيڪس گهٽ ترين سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، مهانگائي جي شرح ۾ 39 ڏهائي 11 سيڪڙو جي گهٽتائي معاشي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو عوام سان ڪيل واعدن تي قائم آهن، عوام جي ڏکيائين جي ازالي لاءِ ڏينهن رات محنت جو وچن ڪيو هو، هو خادم پاڪستان پنهنجي ڪيل هر وچن تي قائم آهي.
وزيراعظم چيو ته روزگار جي فراهمي، ملڪي صنعتي ترقي ۽ پرڏيهي سيڙپاري ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪي معيشيت استحڪام بعد ترقي طرف وڌي رهي آهي.
شهباز شريف چيو ته پرڏيهه مان ناڻي جا ذخيرا، دوست ملڪن مان سيڙپڪاري ۾ اضافو ۽ سفارتي لاڳاپن ۾ استحڪام پاڪستان جي ترقي جي سفر جو ثبوت آهي، ملڪي ترقي لاءِ سندن سياسي قربانيون رائيگان نه وينديون.- Advertisement -
