- Advertisement -
سائفر ڪيس جي خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سخت پورهئي سان 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته پي ٽي آءِ طرفان خاص عدالت جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
خاص عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين اڊيالا جيل ۾ تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جو باني ۽ شاهه محمود قريشي عدالت ۾ موجود هئا.
ٻڌڻي دوران جج ابوالحسنات ذوالقرنين چيو ته اوهان جا وڪيل حاضر نه ٿي رهيا آهن اوهان کي اسٽيٽ ڊفينس ڪائونسل فراهم ڪئي وئي.
جوابدارن جي وڪيلن چيو ته هو آڏي پڇا ڪري ٿا وٺن جنهن تي جج چيو ته اوهان مٿس عدم اعتماد ڪيو آهي.
ٻڌڻي دوران 342 جو سوالنامو تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي ڏنو ويو جنهن تي ٻنهي جوابدارن چيو ته سندن وڪيل موجود ناهن هو ڪيئن بيان رڪارڊ ڪرائيندا.
ان کان اڳ عدالت پي ٽي آءِ باني جو 342 جو بيان رڪارڊ ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته سائفر سندس آفيس آيو هو پر سڪيورٽي جي ذميواري ملٽري سيڪريٽري جي هئي ان حوالي سان ملٽري سيڪريٽري کان انڪوائري جو چيو هو، سائفر بابت ڪوبه ڪليو نه مليو.
عدالت پي ٽي آءِ باني جي 342 جو بيان رڪارڊ ڪرڻ ۽ مختصر ٻڌڻي بعد ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سخت پورهئي سان 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي.
جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪيس جو مختصر زباني فيصلو ٻڌايو.
اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر چيو ته سائفر ڪيس جي فيصلي تي ڪارڪن صبر جو مظاهرو ڪن، ڪوبه قانون هٿ ۾ نه کڻي.
هن چيو ته آئين ۽ قانوني طريقيڪار کان هٽي ڪري ڪيس هلايا پيا وڃن، جج صاحب پنهنجي طرفان سوال ڪيا هو ان مان ڪهڙي اميد رکن؟.
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر چيو ته سمورا ڪارڪن ۽ پي ٽي آءِ سان لڳاءُ رکندڙ صبر جو مظاهرو ڪن کين سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽ تي اعتماد آهي، سندن ڌيان اليڪشن تي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 8 فيبروري تي سڀني جو گهيرو ٿيندو.- Advertisement -
