ساماري ۾ نوجوان مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو .
ميگھواڙ پاڙي ۾ 40ورهين جي نوجوان منور عرف شام ميگھواڙ گھر اندر مبينا طور ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
نوجوان منور عرف شام ميگھواڙ درزڪو جو ڪم ڪندو هو، مھانگائي سبب پريشان هو، جڏهن ته کيس ھڪ پٽ جو اولاد هو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقا اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
