تازه ترين

سامونڊي طوفان اسنيٰ راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ کان وڌيڪ پري ٿي ويو

- Advertisement -
سامونڊي طوفان اسنيٰ راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ کان وڌيڪ پري ٿي ويو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ کان وڌيڪ پري ٿي ويو ۽ طوفان عربي سمنڊ جي اتر اوڀر ۾ آهيم جڏهن ته طوفان اولهه طرف وڌي رهيو آهي جيڪو ڪراچي جي ڏکڻ اولهه کان 230 ڪلو ميٽر پري آهي. موسميات کاتي موجب، سامونڊي طوفان بلوچستان جي سامونڊي پٽي جي ويجهو ٿي رهيو آهي، طوفان اورماڙا کان 180 ۽ گوادر کان 300 ڪلو ميٽر پري آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ طرف وڌندي طوفان جو رخ عمان طرف ٿيندو، طوفان جو ڪنهن به سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو امڪان ناهي ۽ سمنڊ ۾ ئي ڪمزور ٿي ختم ٿيڻ جو امڪان آهي، هوا جو دٻاءُ شدت اختيار ڪري ڊپريشن بڻجي چڪو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هي سسٽم ڀارتي گجرات ۽ راجسٿان تي اثر انداز ٿيندو جڏهن ته ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن ۾ هي سسٽم اوڀر سنڌ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب، راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي طوفان جي اثرن جي اڳڪٿي ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
10 %
3.1kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون