- Advertisement -
سانگھڙ ۾ اي سي جو رموٽ تبديل نه ڪري ڏيڻ تان جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب گراهڪ قتل ٿي ويو ۽ دڪاندار پڻ زخمي ٿي پيو، واقعي کانپوءِ مارجي ويل جي وارثن طرفان لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.
شھر جي مين ايم اي جناح روڊ تي فيصل اقبال اليڪٽرانڪس جي دوڪان تي اي سي جو رموٽ تبديل نه ڪرڻ تان جھيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران دڪاندار جي فائرنگ ۾ گراهڪ اسماعيل خاصخيلي قتل ٿي ويو ۽ دڪان جو مالڪ فيصل پڻ ھٿ ۾ ڳوليون لگڻ سبب زخمي ٿي پيو.
شهري اسماعيل خاصخيلي جي وارثن پاران سندس لاش پريس ڪلب اڳيان رکي ڌرڻو هنيو ويو.
احتجاج ڪندڙن چيو ته اسماعيل خاصخيلي رموٽ تبديل ڪرائڻ دڪان تي ويو ته دڪان جي مالڪ کيس گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو آهي.
هنن چيو ته دڪاندار دھشتگردي ڪري پيرسن کي سري عام قتل ڪري ڦر جو ڪوڙو ڊرامو ڪيو آھي، سانگھڙ پوليس قاتل جي پٺڀرائي ڪري پئي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي.
هوڏانهن حر جماعت طرفان اسماعيل خاصخيلي جي قتل واقعي خلاف سڀاڻي شهر ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ٻي طرف جي ڊبليو سي اسماعيل خاصخيلي جي ناحق خون جي صاف ۽ شفاف جانچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
