- Advertisement -
شڪارپور ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن سالڪ سومري، زاهد سمون، الطاف احمد ميمڻ، رخسار احمد، عبدالحليم سومري، عطاءَ الله، وسيم چانگ، محمد عمر، شيراز احمد ۽ ٻين چيو ته 40 مارڪون کڻي ٽيسٽ پاس ڪئي آھي پر سنڌ حڪومت آفر آرڊر ڏيڻ ۾ سنجيده ناھي.
هنن چيو ته نگران سرڪار ڀرتين تي پابندي مڙهي فقط سندن وقت ضايع نه ڪيو پر سندن مستقبل سان کيڏي رھي آھي، موجوده حڪومت پڻ ساڳي ايجنڊا تي ڪم ڪري رھي آھي.
احتجاج ڪندڙن حڪومت کان گهر ڪئي ته ضلعي اندر خالي پيل جاين کي ظاھر ڪري ڀرتين واري عمل جي جلد شروعات ڪئي وڃي جيئن بند پيل اسڪول کلي سگھن.- Advertisement -
