تازه ترين

سردار شاهه ايس ايس پي عمرڪوٽ کي سول اسپتال ۾ ڊيوٽي نه ڪندڙ ڊاڪٽرن کي ٻه ڏينهن لاڪ اپ ۾ رکڻ جو حڪم

- Advertisement -
صوبائي وزير سردار شاهه ايس ايس پي عمرڪوٽ کي سول اسپتال ۾ ڊيوٽي نه ڪندڙ ڊاڪٽرن کي ٻه ڏينهن لاڪ اپ ۾ رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عمرڪوٽ رين ايمرجنسي جي فوڪل پرسن صوبائي وزير سردار شاهه سول اسپتال جو دورو ڪري مريضن کان ملندڙ سهولتن بابت ڄاڻ ورتي. مريضن صوبائي وزير آڏو دانهون ڪندي چيو ته سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن، عملي ۽ دوائن جي کوٽ آهي، ايڪسري مشين به خراب پيل آهي. صوبائي وزير مريضن جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي ڊي سي عمرڪوٽ کي ضلعي هيڊڪوارٽر سول اسپتال جي بجيٽ چيڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سردار شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو ايس ايس پي عمرڪوٽ کي چوي ٿو ته جيڪو به ڊاڪٽر ڊيوٽي نه ڪري ان کي کڻي وڃي ٻه ڏينهن لاڪ اپ ۾ رکي. هن چيو ته ڊاڪٽر ڪنهن جو به ووٽر هجي ڪنهن به پارٽي سان ان جو تعلق هجي ڊيوٽي نه ڪندو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. صوبائي وزير چيو ته اسپتال جو ڪم مڪمل نه ڪرائيندڙ ٺيڪيدار ڪيترو به طاقتور هجي هو ان کي منهن ڏئي ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
72 %
2.3kmh
45 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
27 °
سُومر
30 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون