تازه ترين

وفاقي سرڪار بجلي جي بلن ۾ اهڙو رليف ڏي، جنهن مان پوري ملڪ جو عوام لاڀ حاصل ڪري سگهي:سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار بجلي جي بلن ۾ اهڙو رليف ڏي، جنهن مان پوري ملڪ جو عوام لاڀ حاصل ڪري سگهي، ٽيرف جا سمورا سليب ختم ڪري هڪ ئي قيمت تي بجلي ڏيڻ گهرجي. توانائي وزير وفاقي وزير اويس لغاري جي صدارت هيٺ زون تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هو چاهن ٿا ته وفاقي سرڪار غريب واهپيدارن کي رليف ڏي، اهڙو رليف ڏنو وڃي جنهن سان سڄي ملڪ جي عوام ئي فائدو ٿئي. هن چيو ته غريب عوام کي بجلي جي بلن ۾ مستقل رليف ڏنو وڃي، پيدواري قميت گهٽ هوندي ته عوام کي رليف ملندو. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته توانائي واري وزارت بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، هو رليف جو فارمولو ٺاهي صوبن سان شيئر ڪندا. هن چيو ته وفاقي سرڪار بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ چاهي ٿي. وڏي وزير چيو ته بجلي جي پيداوار ضرورت کان وڌيڪ آهي، بجلي جي ضرورت کان وڌيڪ پيداوار آهي ته ٽيرف سليب ختم ڪري سڀني کي هڪ اگهه تي بجلي ڏيڻ گهرجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته هڪ اگهه تي بجلي استعمال ٿيڻ بعد غريب عوام کي ٽارگيٽ ڪري بي آءِ ايس پي ذريعي رليف ڏنو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
67 %
2kmh
100 %
خميس
22 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
27 °
آچر
22 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون