تازه ترين

سرھاڙي ڀرسان اسد آباد اسٽاپ وٽ اڻڄاتل ھٿياربندن جي  فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو

- Advertisement -
سرھاڙي ڀرسان اسد آباد اسٽاپ وٽ اڻڄاتل ھٿياربندن جي  فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو. کڏھر ٿاڻي جي حد ٽپالي روڊ تي اڻسڃاتل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ سرھاڙي واسي ليبارٽري تي ڪم ڪندڙ نوجوان عبدالحفيظ بروھي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي بعد وارث ۽ پوليس مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سڪرنڊ اسپتال کڻائي ويا. پوليس موجب نوجوان نوابشاهه مان سرھاڙي طرف واپس پئي آيو ته اڻسڃاتل ھٿياربندن سندس پيڇو ڪري اسد آباد اسٽاپ وٽان فائرنگ ڪري مرڻينگ ڪيو جيڪو اسپتال نيندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، واقعي جي وڌيڪ جاچ  ڪئي پئي وڃي. مقتول نوجوان جي ڀاءُ ڊاڪٽر احسان بروهي جو چوڻ آهي ته ڀاءُ  سرهاڙي کان نواب شاهه وڃي رهيو هوته اسد آباد وٽ زخمي حالت ۾ رستي ۾ پيل ڏٺو، سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي. هوڏانهن ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوجوان جي اک ضايع ٿيل آھي  ظاھري طور تي جسم تي ڪي به ڌڪن جا نشان  ناھن ملي سگھيا وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ مڪمل  اچڻ بعد خبر پوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون