- Advertisement -
سعودي عرب جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان پهچي ويو آهي.
سعودي اعليٰ سطحي وفد هوائي اڏي تي پهتو، جتي وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ ڄام ڪمال مهمانن جي آجيان ڪئي.
سعودي وفد ۾ 30 کان وڌيڪ ڪمپنين جا نمائندا شامل آهن.
واپاري وفد ۾ اهم شخصيتون شامل آهن، جيڪي پاڪستان ۾ واپار توڙي سيڙپڪاري جي نون موقعن جو جائزو وٺنديون.
پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.
سعودي وفد ٽيڪنالاجي، توانائي، هوا بازي، اڏاوت، مائننگ ۽ هيومن ريسورسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جو جائزو وٺندو.
سعودي عرف جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ ٽي ڏينهن ترسندو.- Advertisement -
