- Advertisement -
سعودي عرب ٽي ٽوئينٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ جي صورت ۾ پاڪستاني ٽيم کي ايندڙ سال حج تي شاهي مهمان بڻائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ پنهنجي خاص وڊيو پيغام ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
سعودي سفير چيو آهي ته انشاالله پاڪستاني ٽيم ٽورنامينٽ کٽي ايندي ۽ ايندڙ سال حج تي شاهي مهمان هوندي.
هن چيو ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ به دعاڳو آهي- Advertisement -
