تازه ترين

سعودي عرب ۾ نائيجيريا کان حج تي آيل ڳورهاري عورت ٻار کي جنم ڏنو

- Advertisement -
سعودي عرب ۾ نائيجيريا کان حج تي آيل ڳورهاري عورت ٻار کي جنم ڏنو، سندس نالو محمد رکيو ويو آهي. حج تي آيل ڳورهاري عورت کي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن ساڍا 7 مهينن جي ٻار کي جنم ڏنو. سعودي ميڊيا موجب ماءُ ۽ ٻار ٻئي صحتمند آهن پر وقت کان اڳ ڄمڻ سبب ٻار کي ڪجهه ڏينهن کان انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ رکيو ويو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. مڪي ۾ پيدا ٿيڻ کان پوءِ ٻار جو نالو محمد رکيو ويو آهي، هن سال حج جي موسم ۾ هڪ پرڏيهي حاجي جي پهرين ٻار جي پيدائش آهي. اسپتال جي رڪارڊ موجب هر سال حج جي موسم ۾ هتي ڳورهاريون عورتون ٻارن کي جنم ڏينديون آهن، اڪثر عورتون مقدس شهر ۾ پنهنجي ٻارن جي پيدائش جون خواهشمند هونديون آهن….. اهڙي طرح گذريل ڏينهن منيٰ ۾ شيطان کي پٿر هڻڻ دوران ڳورهاري عورت جي حالت خراب ٿي وئي ۽ هن اسپتال ۾ ٻارڙي کي جنم ڏنو، جنهن بعد سندس نالو منيٰ رکيو ويو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
7 %
2.7kmh
4 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون