تازه ترين

ڀارت پاڪستان سان ڳالهين لاءِ تيار آهي ۽ دهشتگردي جي پراڻي مسئلي جو حل ڳولڻ چاهي ٿو: ڀارتي پرڏيهي وزير

- Advertisement -
ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر چيو آهي ته ڀارت پاڪستان سان ڳالهين لاءِ تيار آهي ۽ دهشتگردي جي پراڻي مسئلي جو حل ڳولڻ چاهي ٿو. ڀارتي ميڊيا موجب سبرامنيم جي شنڪر مسلسل ٻيو ڀيرو پرڏيهي وزير بڻجي ويو آهي. حلف برداري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي پرڏيهي وزير پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن بابت پنهنجي پاليسي کي واضح ڪيو. نئين چونڊيل پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم مودي جي هدايت تي خطي ۾ پاڙيسري سڀ کان پهرين پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهي، پر چين ۽ پاڪستان سان لاڳاپن جي نوعيت مختلف هئي. ڀارتي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان سان سالن کان پراڻي دهشتگردي جي مسئلي جو حل ڳولڻ چاهيون ٿا، جنهن ۾ دخل اندازيءَ جو مسئلو به شامل آهي. واضح رهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير جو اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ سماجي رابطن واري ويب سائيٽس ذريعي رابطا ڪيا آهن، وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف نريندر مودي کي ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
7 %
2.7kmh
4 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون