- Advertisement -
سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان، ترڪ صدر طيب اردوان ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي غزه ۾ جاري اسرائيلي حملا ۽ اسرائيل جي انساني حقن جي ڀڃڪڙيون فوري روڪرائڻ ۽ پائيدار جنگ بندي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.
ترڪ صدارتي آفيس موجب ترڪ صدر طيب اردوان ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ سان غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ترڪ صدارتي آفيس جو چوڻ آهي ته صدر رجب طيب اردوان فلسطين جي مسئلي جي حل لاءِ اسلامي ملڪن جي گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو ۽ سعودي ولي عهد علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ان کان علاوه سعودي ولي عهد محمد بن سلمان مصري صدر عبدالفتاح السيسي کي به فون ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ والاريل اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي ڪارروايون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
سعودي نيوز ايجنسي موجب محمد بن سلمان فلسطينين خلاف اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ لاءِ عرب ۽ اسلامي ملڪن پاران ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو.- Advertisement -
