تازه ترين

سعيد غني لياري ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 71 هين سالگرهه جي سلسلي ۾ رٿيل تقريب جي انتطامن جو جائزو ورتو

- Advertisement -
پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني لياري ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 71 هين سالگرهه جي سلسلي ۾ رٿيل تقريب جي انتطامن جو جائزو ورتو. صوبائي وزير سعيد غني رات دير سان لياري جي علائقي چاڪيواڙه پهتو. پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير اسٽيج سميت ٻين ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته لياري ۾ اڄ ٿيندڙ سالگرهه جي تقريب يادگار تقريب هوندي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سالگرهه جي تقريب لاءِ خصوصي طور تي لياري جي چونڊ ڪئي جيڪا پ پ چيئرمين جي لياري سان محبت جي دليل آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ شام چئين وڳي لياري جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجندو. ان موقعي تي پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جو سيڪريٽري جنرل جاويد ناگوري، ڊسٽرڪٽ ڏکڻ جو صدر خليل هوت، ايم پي اي يوسف بلوچ، لياري ٽائون چيئرمين ناصر ڪريم سميت لياري جي مختلف يوسيز جا چيئرمين ۽ ٻيا پارٽي ڪارڪن موجود هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
34.6 ° C
34.6 °
34.6 °
5 %
1.2kmh
16 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون