تازه ترين

سلامتي ڪائونسل ۾ ٽرمپ جي غزا امن منصوبي جي حمايت ۾ ٺھراءَ منظور

- Advertisement -
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پيش ڪيل غزه منصوبي جي ڀرپور حمايت ڪندي وڏي اڪثريت سان ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي، ٺهراءَ ۾ غزا لاءِ عالمي استحڪام فورس جي مقرري ۽ غزا ۾ وقتي حڪومت جي قيام جا نقطا شامل آهن. ٺهراءَ جي حق ۾ 14 ووٽ آيا جڏهن ته ڪنهن به ملڪ مخالفت نه ڪئي، روس ۽ چين ووٽ نه ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي امريڪي نمائندي پاڪستان، مصر، قطر، اردن، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ترڪيه ۽ انڊونيشيا جو غزه جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي سهڪار تي ٿورا مڃيا. امريڪي نمائندي چيو ته اڄ سلامتي ڪائونلس هڪ تاريخي تعميري ۽ فيصلائتو قدم کنيو آهي، اهو ٺهراءُ غزه ۾استحڪام جا رستا کولڻ جي ڪوشش آهي. واضع رهي ته صدر ٽرمپ جي غزه پلان جي ٺهراءَ ۾ فلسطيني ۾ عالمي استحڪام فورس جي مقرري ۽ عبوري حڪومتي ڍانچي جي قيام جا اهم نڪتا شامل آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
47 %
2kmh
1 %
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون