تازه ترين

سمورا ادارا ملڪ مان سمگلنگ جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪن:وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سمورا ادارا ملڪ مان سمگلنگ جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪن. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سمگلنگ جي خاتمي  بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اسمگلنگ جي خاتمي بابت  هن وقت تائين حاصل ٿيندڙ نتيجن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسمگلر، سندن مددگارن ۽ اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏين کي ضبط ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏنو ويندو. شهباز شريف چيو ته اسمگلنگ روڪڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، جي استعمال کي يقيني بڻايو ويو، لاڳاپيل ادارن جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ اسمگلنگ ۾ گهٽتائي آئي آهي، ايف بي آر، گهرو وزارت ۽ ٻيا ادارا پاڻ ۾ سهڪار کي وڌيڪ بهتر ڪن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سرحدي علائقن ۾ عوام کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي. شهباز شريف چيو آهي ته سمورا ادارا ملڪ مان اسمگلنگ جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
12 %
1.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون