سندن مسئلي جو واحد حل الله جو نظام آهي: امير سراج الحق

spot_img
جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سندن مسئلي جو واحد حل الله جو نظام آهي. سراج الحق تربت سانحي ۾ شهيد ٿيل بيگناهه مزدورن جي علائقي شجاع آباد ۾ سندن رهائشگاهه پهچي پوئنرن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سراج الحق چيو ته پنجن پورهيتن کي دهشتگردي ڪري قتل ڪيو ويو، جنهن جي جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته غريب مزدور ڌاڙي ۽ ڦرلٽ بدران حلال جي ڪمائي لاءِ شهر ڇڏي وڃن ٿا، هتي وزيراعظم، وزيراعليٰ ۽ گورنر ان لاءِ نه آيا ڇو جو هي ڪمزور ماڻهن هئا، بلوچستان جي حڪومت اڃا تائين هن خاندان جي قاتلن کي صرف ڪمزور هجڻ سبب انصاف نه ڏئي سگهي آهي. هن چيو ته هن ملڪ ۾ ڪمزور جو گهر ساڙڻ، ان جي نياڻي کي اغوا ڪرڻ ۽ ظلم ڪرڻ آسان آهي، اهو ظلم جو نظام آهي جنهن کي قبول نٿا ڪن. سراج الحق چيو ته هن وقت ملڪ جو چيف جسٽس، سينيٽ چيئرمين ۽ وزيراعظم بلوچستان جا آهن، هاڻي بلوچستان سميت پوري ملڪ ۾ امن ٿيڻ گهرجي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
29%
1.4m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون