- Advertisement -
سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ملنديون يا نه، سپريم ڪورٽ طرفان محفوظ ٿيل فيصلو اڄ ٻڌائڻ جو امڪان آهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فل ڪورٽ جو صلاح مشوري وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تيرهن ججن شرڪت ڪئي.
ڏيڍ ڪلاڪ هلندڙ اجلاس ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽون ڏيڻ واري فيصلي بابت صلاح مشورا ڪيا ويا ۽ ججن پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني.
ججن ۾ صلاح مشورا مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو اڄ ٻڌائڻ جو امڪان آهي.- Advertisement -
