سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي مختلف علائقن ۾ اڄ به ڪوهيڙي جو راڄ برقرار

- Advertisement -
سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي مختلف علائقن ۾ اڄ به ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، جنهن سبب مختلف موٽر ويز ۽ قومي شاهراههَ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آهن، موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته شهري غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. سکر ۽ ڀرپاسي ۾ شديد ڪوهيڙي سبب سنڌ ۽ پنجاب کي ملائيندڙ سکر- ملتان موٽر وي رات کان عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. سکر- حيدرآباد هاءِ وي تي شديد ڪوهيڙي سبب نظر جي حد 20 کان 30 ميٽر رهجي وئي. هاءِ وي انتظاميا پاران عوام کي غير ضروري سفر کان روڪڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي وئي آهي. نوشهري فيروز ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، نظر جي حد گهٽجڻ سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي. قبو سعيد خان ۾ ڪوهيڙي جي ڪري  ٿڌ ۾ واڌ سبب ٽينٽ ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن جا اهنج وڌي ويا. پڊعيدن ۽ ڀرپاسي ۾ ٽئين ڏينهن به ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، جڏهن ته گيس جي لوڊ شيڊنگ سبب شهري ڏکيائن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. شاهپور جهانيا ۾ ڪوهيڙي سبب موٽروي پوليس قومي شاهراهه کي بند ڪري ڇڏيو آهي. مدئجي، دڙو، ڳاهيجا، تاجو ديرو سميت مختلف علائقن ۾ڪوهيڙي سبب  ٿڌ ۾ واڌ جي ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. ميان صاحب، همايون ۽ ٻين علائقن ۾ به ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، جنهن ڪري نظر جي حد گهٽجي وئي آهي. اڏيرو لال، کيبر، پليجاڻي ۽ ٻين علائقن ۾ به ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي آهي، جنهن ڪري قومي شاهراهه تي مسافر گاڏين جي ڊرائيورن کي ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن. ڀريا روڊ ۽ڀرپاسي ۾ چوٿين ڏينهن به ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، جنهن سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، بجلي ۽گيس جي لوڊشيڊنگ سبب شهري ڏکيائن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم فائيو گھوٽڪي کان روهڙي تائين ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايم ون به رشاڪئي کان پشاور تائين بند آهي. ترجمان موجب، ملتان کان روهڙي تائين موٽر وي ڪوهيڙي سبب بند آهي ان سان گڏ ايم ون به پشاور کان برهان ۽ پشاورکان اسلام آباد تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي. ان کان علاوه سوات ايڪسپريس وي ڪرنل شير خان کان اسماعيليه تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. نيشنل هاءِ ويز تي ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي رهي آهي. موٽر وي پوليس ڊرائيورن کي فوگ لائٽس استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شهري غيرضروري سفر کان پاسو ڪن…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
20%
0.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون