- Advertisement -
ٺل ۾ خالي پلاٽ تان جي ڊي اي اميداور جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو.
بلوچ ڪالوني ۾ خالي پلاٽ تي 30ورهين جي اڪبر ڪنڊراڻي جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽم مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته اڪبر ڪنڊراڻي صبح جو نماز پڙهڻ لاءِ گهران نڪتو، جنهن جو خالي پلاٽ تان لاش هٿ آيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو………..- Advertisement -
