سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍي سنڌين کي سزا ڏيڻ جي سازش ٿي پئي:ايس ٽي پي اڳواڻ

spot_img
ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ اڄ ماني جي 2 ڳڀن لاءِ پريشان آهي، بک سبب مائرون پنهنجي ٻچن کي کير نٿيون پياري سگهن. ٽنڊي الهيار ۾ الطاف جسڪاڻي جي ورسي موقعي تي جلسي کي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، الطاف جسڪاڻي جي نياڻي ويجهار جسڪاڻي ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن خطاب ڪيو. ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن چيو ته سنڌ تي آخري حملو ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍي سنڌين کي سزا ڏيڻ جي سازش ٿي پئي. هنن چيو ته هڪ درياءَ آهي جيڪو انسانيت ۽ پکي پکڻ کي زنده رکي ٿو، ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ضياءَ کان ڪئي وئي، جنهن کي هنن ناڪام بڻايو، هاڻي وري سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. سندن چوڻ هو ته سنڌو درياءَ مان جيڪڏهن 6 ڪئنال ڪڍيا ويا ته بک ۽ اڃ وگهي سنڌ مان لاش ملندا، منصوبا ختم ڪرائڻ لاءِ هو آخري حد تائين وڙهندا. ايس ٽي پي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف هو 20 نومبر تي سڪرنڊ باءِ پاس ۽ 24 نومبر تي ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻندا. اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته 24 نومبر تائين فيصلو واپس نه ورتو ويو ته پوءِ هو مست قلندر ڪندا، سنڌ جو ڪوبه روڊ خالي نه هوندو، جنهن تي ڌرڻو نه هجي. هنن چيو ته الطاف جسڪاڻي هميشه سنڌ واسين جي مالڪي ڪئي، جيل ۽ ٽارچر قبول ڪيا پر هن عوام جو ساٿ نه ڇڏيو. سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن الطاف جسڪاڻي جي گهر جي چانٽ اورانگهي ته اهو پنهنجن پيرن تي گهر نه موٽندو، ذيشان ۽ افضل جي گرفتاري جي بهاني سان سندن گهر ۽ چوديواري جي هو بيحرمتي ڪرڻ نه ڏيندا.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9 ° C
10.9 °
10.9 °
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون