- Advertisement -
سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ سبب گڊو ۽ سکر بئراج وٽ وچولي ٻوڏ ختم ٿي وئي آهي.
گڊو بئراج وٺ 24 ڪلاڪن اندر 38 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ آئي آهي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 77 هزار 957 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو هٺانهون وهڪرو 2 لک 77 هزار 957 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
برساتن سبب گڊو بئراج مان نڪرندڙ ٽنهي ڪئنالن کي پاڻي جي فراهم بند ڪئي وئي آهي.
سکر بئراج وٽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب گڊو بئراج وٽ وچولي ٻوڏ ختم ٿي وئي آهي.
سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهو وهڪرو 3 لک 11 هزار 470 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهو وهڪرو 3 لک 7 هزار 470 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.- Advertisement -
