سنڌ اسيمبلي ۾ 5 ڪروڙ رپيا ڪرپشن واري معاملي تي اينٽي ڪرپشن ايڊيشنل سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو.
جاچ روڪڻ لاءِ اسپيڪر جي لکيل خط اينٽي ڪرپشن کي ويتر ڪاوڙائي ڇڏيو.
سنڌ جي چيف سيڪريٽري به بند ٿيل ايف آءِ اي جي جاچ وارا فائل ٻيهر کولي ڇڏيا آهن.
اينٽي ڪرپشن ايڊيشنل سيڪريٽري حبيب سميجو کي 14 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو.
جاچ آفيسر زاهد ميراڻي ايڊيشنل سيڪريٽري کي سمورن سرٽيفڪيٽن، ڊگرين ۽ سروس رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڊيشنل سيڪريٽري حبيب سميجو 18 اپريل 1982ع تي گريڊ هڪ ۾ چوڪيدار طور ڀرتي ٿيو هو.
ذريعن موجب ڄم جي تاريخ ۽ ب فارم موجب هو 2 اپريل 2021ع تي رٽائر ٿي چڪو آهي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حبيب سميجي ڄم جي سرٽيفڪيٽ ۾ ٽيمپرنگ ڪري 1962ع پيدائش جي تاريخ کي 1969 ڏيکاريو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حبيب سميجي ڄم جي سرٽيفڪيٽ موجب 8 سالن کان وڌيڪ غيرقانوني طور اضافي ملازمت ڪئي آهي……..


