- Advertisement -
سنڌ جي اطلاعات واري نگران وزير احمد شاهه ٽنڊو سومرو ۾ ماءُ ۽ ٻار لاءِ سهائتا پروگرام سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته نگران سنڌ ڪابينا عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، هي سينٽر عالمي بينڪ جي سهڪار سان ٺاهيا آهن، هي پروگرام عورتن لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي.
سنڌ جي اطلاعات واري نگران وزير احمد شاهه ٽنڊو سومرو ۾ ماءُ ۽ ٻار لاءِ سهائتا پروگرام سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
افتتاحي تقريب ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ علائقي واسي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران صوبائي وزير احمد شاهه چيو ته هي سينٽر عالمي بينڪ جي سهڪار سان ٺاهيا آهن، هي جيڪا بجيٽ آهي ڳورهاري عورتن تي خرچ ٿيندي ۽ خرچ جو هڪ نظام ٺهيل آهي.
سندس چوڻ هو ته مدر اينڊ چائلڊ سينٽر ٽنڊي الهيار، عمرڪوٽ، ننگرپارڪر، ميرپورخاص، ٽنڊي محمدخان، سجاول ۽ مٽياري ۾ کوليا آهن.
سنڌ جي اطلاعات واري نگران وزير احمد شاهه چيو ته ساڳيا ئي سينٽر 9 ضلعن ۾ کولڻ وڃن پيا، لڳ ڀڳ 13 لک عورتون هن پروگرام مان فائدو وٺنديون، هن پروگرام ۾ ڪجهه رڪاوٽون به آهن ورلڊ بئنڪ جو ڪجهه پنهنجو پراسيس آهي.
هن چيو ته ڳورهاري عورتن کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ٿو، جنهن بعد کين سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون جن علائقن ۾ نيٽ ورڪ جا مسئلا آهن اتي هو سوچن پيا ته علائقي جي معززن جون خدمتون حاصل ڪن.
سنڌ جي اطلاعات واري نگران وزير احمد شاهه چيو ته هي پراجيڪٽ عورتن لاءِ تمام گهڻو فائيديمند آهي، سندن ڪابينا عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن، اميد آهي اهڙا پراجيڪٽ جاري رهندا.- Advertisement -
