- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪهڙي به پچ ملي، هو ڀڄڻ وارا نه آهن، ڄمي مقابلو ڪيو ويندو، ڪنهن کي غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته عام چونڊون نه ٿي رهيون آهن، تحريڪ انصاف پنهنجي غلطين جا نتيجا ڀوڳي رهي آهي، پيپلز پارٽي کانسواءِ سموريون سياسي پارٽيون امير طبقي جي نمائندگي ڪري رهيون آهن، ٻيا هيڏي هوڏي پيا ڏسن ۽ پ پ عوام کي ڏسي چونڊ مهم هلائي رهي آهي.
ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ سنگين بحران مان گذري رهيو آهي، هڪ جيل کان بچڻ ۽ ٻيو وري ٻاهر اچڻ لاءِ چونڊ وڙهي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا عوامي مسئلن جي حل لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي، عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ملتان سميت سموري ملڪ جي نمائندگي ڪئي ويندي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪهڙي به پچ ملي، هو ڀڄڻ وارا نه آهن، ڄمي مقابلو ڪيو ويندو، ڪنهن کي غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته عام چونڊون نه ٿي رهيون آهن، پ پ کي ليول پليئنگ فيلڊ ملي نه ملي 8 فيبروري تي سرپرائيز ڏيندا.
هن چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي غلطين جا نتيجا ڀوڳي رهي آهي، پيپلز پارٽي کانسواءِ سموريون سياسي پارٽيون امير طبقي جي نمائندگي ڪري رهيون آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻيا هيڏي هوڏي پيا ڏسن ۽ پيپلزپارٽي عوام کي ڏسي چونڊ مهم هلائي رهي آهي، 10 نڪاتي عوامي معاهدي تي عمل ڪري بيروزگاري ۽ مهانگائي جو مقابلو ڪندا.
سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ۾ راڻا محمود الحسن ۽ ٻيا شامل ٿي رهيا آهن، پ پ جو ملتان سان ٽن نسلن کان تعلق آهي، عوام ئي طاقت جو سرچشمو آهي، عوام جا لاڏلا ٿيندا، ملتان جي عوام جون پگهارون ڊبل ڪندا ۽ هتي جي عوام لاءِ ايجنڊا کڻي آيا آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 26 جنوري تي ملتان ۾ پيپلز پارٽي جو جلسو ٿيندو، عوام کي اپيل آهي ته تير تي مهم لڳايو ته جيئن اوهان جا مسئلا حل ٿين.- Advertisement -
