تازه ترين

قومون پنهنجي ثقافت سان سڃاتيون وينديون آهن، مهمان نوازي سنڌ جي روايت آهي : مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيو آهن. جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته قومون پنهنجي ثقافت سان سڃاتيون وينديون آهن، مهمان نوازي سنڌ جي روايت آهي، کيس فخر آهي ته هو صوبي جي ڌرتي سنڌ ۾ پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته کيس ۽ سندس خاندان کي سنڌ جي خدمت جو بار بار موقعو مليو، جنهن کي هو پنهنجو اعزاز سمجهي ٿو، سنڌ جي عظيم تهذيب جو ڏينهن ملهائڻ خوشيءَ جو سبب هوندو آهي. وڏي وزير چيو ته سندن عزم آهي ته سنڌ ۾ امن قائم ڪري سنڌي تهذيب جي عروج وارو زمانو واپس آڻن ۽ سنڌ کي جديد دور جي قيادت لائق بڻائن. سيد مراد علي شاهه چيو ته نوجوانن کي اپيل آهي ته اهي جديد تعليم حاصل ڪن ۽ ڪتابن کي دوست بڻائڻ.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
53 %
2kmh
8 %
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
35 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون