سنڌ جي ساڃاهه وندن، سياستدانن، قومپرستن ۽ ليڪن شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو

spot_img
- Advertisement -

سنڌ جي ساڃاهه وندن، سياستدانن، قومپرستن ۽ ليڪن شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جي ياد ۾ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائيو ويو.

تعزيتي ميڙاڪي ۾ ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، پاڪستان ف ليگ مرڪزي چيف آرگنائيزر ۽ روزاني جيجل حيدرآباد جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ڪاشف نظاماڻي، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي،  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد جي صدر ماما يوسف لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تعزيتي ميڙاڪي کي پ پ سنڌ جي صدر سنيٽر نثار احمد کهڙي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن به انسان کي قتل ڪرڻ ڏوهه آهي.

 هن چيو ته جان محمد مهر جو قتل افسوسناڪ آهي، جنهن جي پهريان به مذمت ڪئي آهي ۽ هاڻ به مذمت ڪن ٿا.

ف ليگ جي چيف آرگنائيزر ۽ روزاني جيجل حيدرآباد جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽرڪاشف نظاماڻي چيو ته جان محمد مهر واحد صحافي هو.

هن چيو ته شهيد جان محمد مهر پنهنجي قلم ذريعي حق ۽ سچ پئي لکيو، هو دلير صحافي هو.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته جان محمد مهر قلم سان سنڌ جي سماج کي شعور ڏنو.

هن چيو ته اهڙا سچا صحافي حڪومتي ڌرين کي پسند ناهن هوندا.

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته صحافي جان محمد مهر جبر ۽ ناانصافين خلاف وڏو آواز هو.

هن چيو ته  صحافي جان محمد مهر جي قتل کان پوءِ جهڙي طرح سول سوسائيٽي سياسي ورڪرن صحافي ان قتل خلاف متحد ٿي مزاحمت ڪئي آهي

قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته جان محمد مهر صحافت جو وڏو نالو هو، جنهن جو قتل قلم جو قتل آهي، هڪ ڏينهن انڊس هاءِ وي کي بند ڪيو ته انهي ڏينهن قاتل گرفتار ٿي ويندا. 

قانوندان ماما يوسف لغاري چيو ته اظھار راءِ جي آزادي جو بنيادي حق آھي، اھو ڪنھن کان به کسي نٿو سگھجي، ملڪ جو جمھوري، سياسي، عدليا جو نظام ناڪام ٿي چڪو آھي، وڪيلن ۽ صحافين کي غير جمھوري قوتن سان مھاڏو اٽڪائڻو پوندو.

 لالا اسد پٺاڻ چيو ته پاڪستان ۾ شھيد جان محمد مھر سميت 148 صحافي قتل ٿيا آھن، پر ھڪ ڪيس ۾به انصاف نه ملي سگھيو آھي، ڇا ھن ملڪ جي رياست، حڪومت ۽ ادارا ناڪام ٿي ويا آھن، جيڪي صحافين جو تحفظ ۽ انصاف فراھم نٿا ڪري سگھن.

پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر چيو ته پهرين ڏينهن کان پوليس قاتلن جا نالا پاڻ ٻڌايا پر اڃا تائين ادارا انهن قاتل تائين ڇو نه پهچي سگهيا آهن.

حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون چيو ته قاتل اڻ ڄاتل ناهن نه ئي ملڪ ڇڏي هليا ويا آهن. هن چيو ته مک قاتل قتل ڪري وڊيو به جاري ڪن ٿا، پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.9 ° C
7.9 °
7.9 °
32%
1.4m/s
0%
ڇنڇر
8 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون