سنڌ جي سمورن کاتن ۾ اربين روپين جي ترقياتي توڙي انتظامي فنڊن ۾ گھوٻين جو 15 سالن کان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾  احتساب نه ٿيڻ جو انڪشاف

spot_img
سنڌ جي سمورن کاتن ۾ اربين روپين جي ترقياتي توڙي انتظامي فنڊن ۾ گھوٻين جو 15 سالن کان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾  احتساب نه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پاران سنڌ جي سمورن کاتن ۾ ساليانو خرچن جو رڪارڊ پيش نه ڪندڙ کاتن بابت 2008 کان پيرائن تي اجلاس نه ٿيڻ ڪري احتساب واري عمل تي سوال پيدا ٿي ويا آهن. رھجي ويل پيرائن جي آڊٽ نه ٿيڻ وارن مامرن ۾ آڊٽ کاتي ۽ ڪامورن ۾ الزامن کانپوءِ آڊيٽر جرنل يو ٽرن وٺي ڇڏيو. ڊائريڪٽر جنرل آڊٽ سنڌ خط لکي سمورن کاتن کي  آڊٽ دوران سيڪريٽري پاران مقرر فوڪل پرسن کان سواءِ تصديق ڪرڻ کان  کتو جواب ڏنو. ڊي جي آڊٽ جو چوڻ هو ته پي اي سي جي آڊٽ دوران کاتي طرفان مقرر فوڪل پرسن جو ھجڻ لازمي آهي. ڊي جي آڊٽ پاران صوبي جي 38 کاتن جي سربراھن کي ان ڏس ۾ هدايت نامو به جاري ڪيو ويو. هدايت نامي ۾ ناڻو کاتو، صحت، تعليم، روينيو، پلائنگ، مڪاني، گھرو، انرجي، ورڪس اينڊ سروس، ليبر ۽ ٻيا کاتن کي  لکيو ويو. لکيل خط ۾ سمورن کاتن جي سيڪريٽرين کي آڊٽ جي پيرائن جي تصديق رپورٽ لاءِ آفيس جي فوڪل پرسن جي نالي سان ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي. هدايت نامي ۾ چيو ويو ته خط ۾ عوامي اڪائونٽس جي گڏجاڻين جي نظرثاني ٿيل شيڊول کان اڳ 45 ڪاپيون پي اي سي آفيس وٽ چار ڏينھن اڳ جمع ڪرايون وڃن. هدايت نامي موجب معاملي کي ترجيح ڏني وڃي جيئن پيرائن جو حساب ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13%
2.5m/s
0%
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون