سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جو سول سينٽر ڪراچي ۾ ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن آفيس جو دورو

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سول سينٽر ڪراچي ۾ ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن آفيس جو دورو ڪيو آهي. دوري دوران ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن سيڪريٽري عاطف الرحمان ۽ ڊائريڪٽر ڊي جي اورنگزيب پنهور به صوبائي وزير سان گڏ هئا. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن جي آفيس ۾ مختلف سيڪشنز جي ڪم جو جائزو ورتو. صوبائي وزير گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن بابت به تفصيلي معلومات ورتي. شرجيل انعام ميمڻ رجسٽريشن ۽ ٽيڪسيشن جي آپريشنل مڪينزم بابت تفصيلي معلومات حاصل ڪئي. صوبائي وزير انتظامي معاملن ۾ شفافيت ۽ جوابده هئڻ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن تي زور ڀريو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت انتظامي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي، سنڌ حڪومت جو مقصد سمورن شهرين جي بهتر خدمت لاءِ ضروري سڌارا آڻڻ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.2 ° C
22.2 °
22.2 °
32%
2.2m/s
0%
ڇنڇر
26 °
آچر
26 °
سُومر
28 °
اڱارو
28 °
اربع
26 °

تازه ترين خبرون