- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم وڻندڙ ٿي وئي آهي.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن سپر هاءِ وي، ايم نائن موٽر وي ۽ ٽول پلازه وٽ برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي.
دادو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ بجلي بند ٿي وئي.
عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم وڻندڙ ٿي وئي.
وسڪاري بعد پڇڙي جي آبادگارن ۽ ماروئڙن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون.
مٽياري ضلعي جي مختلف علائقن نيو سعيد آباد، بکر جمالي، هالا، ڀٽ شاهه، اڏيرو لال ۽ کيبر ۾ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.
دريا خان مري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن تيز هوا سان گڏ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو.
وسڪاري بعد پاڻي جي کوٽ سبب تباهه ٿيندڙ فصلن کي فائدو ٿيندو، جڏهن ته بجلي بند هئڻ سبب شهري پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.
ڍورو نارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم وڻندڙ ٿي وئي.
ڪوٽ غلام محمد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو.
جمال شاهه ۽ ڀرپاسي ڳارن علائقن ۾ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.
پڊعيدن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ بجلي بند ٿي وئي.
ڀريا روڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هوا سان گڏ وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو.
ناري تعلقي جي مختلف علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان بعد برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.
بوزدار وڏا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات سبب موسم وڻندڙ ٿي وئي.
پير وسڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سانوڻي جي وسڪاري بعد بجلي بند ٿي وئي.- Advertisement -
