تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسرائيل جي غزا تي بمباري خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ مذهبي جماعتن پاران احتجاجي مظاهرا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسرائيل جي غزا تي بمباري خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ مذهبي جماعتن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ خاڪسار تحريڪ پاران فلسطينين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ اسد کهڙو، برڪت علي گوپانگ ۽ بين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. دادو ۾ فلسطينين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ مذهبي تنظيمن ۽ سياسي سماجي پارٽين جي سڏ تي عبدالرحيم هڱورو، محمد موسيٰ ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ابوبڪر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. مبارڪپور ۾ شهرين پاران ڊاڪٽر اياز ڀٽو، مير حسن ڀٽو، عبدالله، راجا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسرائيل جي فلسطينين مٿان ظلم خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي وئي. گپچاڻي ۾ اسرائيل پاران فلسطينين جي قتل عام خلاف سياسي سماجي ڌرين  ۽ مذهبي پارٽين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسرائيل جي غزا تي اٺن ڏينهن کان بمباري جاري آهي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت هزارين فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن. مظاهرين چيو ته اسرائيل جي فلسطينين مٿان ظلم تي  عالمي برادري خاموش آهي، جنهن سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. هنن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسرائيل جي غزا تي بمباري بند ڪرائي فلسطينين کي ريسڪيو ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
27 %
2.4kmh
81 %
سُومر
24 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون