سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جمعيت علماءَ اسلام جي سڏ تي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاج

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جمعيت علماءَ اسلام جي سڏ تي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. جمعيت علماءَ اسلام جي سڏ تي مبينا ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ ضلعي گهوٽڪي جي امير اسحاق لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ کي  پنجاب سان ملائيندڙ دنگ ڪمون شهيد وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. جي يو آءِ اڳواڻ ناصر محمود سومري به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. ڪنڌڪوٽ ۾ جمعيت علماءَ اسلام جي سڏ تي مبينا ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران گولا موڙ باءِ پاس وٽ قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب سنڌ، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون. روهڙي ۾ جمعيت علماءَ اسلام جي سڏ تي مبينا ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ اڳواڻ ناصر محمود سومري، محمد صالح انڍڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ايم فائيو موٽروي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري عوامي مئنڊيٽ جي توهين ڪئي وئي آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته جيستائين عوامي مينڊيٽ واپس نه ڪيو ويندو تيستائين ڌرڻا جاري رهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون