- Advertisement -
8 فيبروري 2024ع جي عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ 19 فيبروريءَ تي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي بينچ جو حصو هوندا.
چار ڏينهن اڳ درخواست علي خان نالي شهري طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو هو.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ چونڊ نتيجن ۾ حڪومت ٺاهڻ جي عمل کي روڪيو وڃي.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته عدليا جي نگراني هيٺ 30 ڏينهن ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ڌانڌلي، اليڪشن فراڊ جي جاچ توڙي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.- Advertisement -
