تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس جانثارن جي ياد ۾ ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جو سلسلو جاري

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس جانثارن جي ياد ۾ ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جو سلسلو جاري آهي، گهٽي گهٽي ۾ سبيلون قائم ڪري  هر پاسي يا حسين يا حسين جون صدائون بلند ڪيون پيون وڃن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي ننڍن وڏن شهرن مان ماتمي جلوس برآمد ڪيا پيا وڃن. ڪراچي ۾ 8 محرم الحرام جو مرڪزي ماتمي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ڪيو ويو، جيڪو روايتي رستن کان ٿيندو  حسينيه ايرانيا امام بارگاهه کارادر پهچي نهر ٿيندو. جلوس جي رستي ۾ ايندڙ گھٽيون ۽ مارڪيٽ ڪنٽينر لڳائي سيل ڪري  ايم اي جناح روڊ هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ محرم الحرام ۾ سڪيورٽي کي وڌيڪ اثرائتو ۽ يقيني بڻائڻ لاءِ 8 محرم تي رينجرز ۽ پوليس پاران مختلف علائقن ۾ فليگ مارچ پڻ ڪيو ويو. مرڪزي ماتمي جلوس جي رستن جي نگراني لاءِ بلند عمارتن تي رينجرز جي سنائيپرز کي مقرر ڪيو ويو آهي. گهوٽڪي ۾ 8 محرم الحرام جو ماتمي جلوس امام بارگاهه غازي عباس علمدار مان برآمد ڪيو ويو. عمر ڪوٽ ۾ نبن سرڪار امام بارگاهه تان ماتمي جلوس برآمد ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. نوان جتوئي ۾ اٺ محرم الحرام تي قديمي ماتمي جلوس برآمد ڪري ياحسين جون صدائون بلند ڪيون ويون. ڀٽ شاهه ۾ هر سال جيان 8 محرم جي رات خندق ڪاميٽي طرفان ٽانڊن تي تاريخي ماتم ڪيو ويو. باهه جي ماتم لاءِ 22 فٽ ڊگهي ۽ اڍائي فٽ ويڪري خندق ٺاهي 100 مڻ ڪاٺ ٻاريو ويو، ڪاٺ ٽانڊن ۾ تبديل ٿيڻ بعد ماتم ڪيو ويو. ڀريا روڊ ۾ 8 محرم الحرام تي ماتمي جلوس برامد ڪيا ويا، جڏهن ته سڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي موبائيل فون جو نيٽ ورڪ بند رکي ويو آهي. شاهپور جهانيان ۾ مختلف امام بارگاهن تان ماتمي جلوس برآمد ڪري مجلسون ڀرپا ڪيون پيون وڃن. ڪنري ۾ 8 محرم الحرام تي ماتمي جلوس برآمد ڪري ياحسين جو صدائون بلند ڪيون ويون، جڏهن ته جلوس جي رستن تي سبيبلون پڻ لڳايون ويون آهن. کڏڙي ۾ 8 محرم الحرام تي مرڪزي امام بارگاهه گل شاهه غازي تان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو. کور واهه ۾ اٺ محرم الحرام تي مرڪزي امام بارگاهه تان ماتمي جلوس برآمد ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جهنڊو مري ويجهو عثمان شاهه هڙي ۾ 8 محرم الحرام تي مرڪزي امام بارگاهه تان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو. خير محمد آريجا ۾ مرڪزي امام بارگاهه مان ماتمي جلوس برآمد ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سڪيورٽي جي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، ماتمي جلوسن جي روٽن تي پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
4.7kmh
41 %
آچر
27 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون