سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي. رتيديري ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ چاچو فوت ۽ ڀائٽيو زخمي ٿي پيو. لاڙڪاڻي جي نظر پاڙي واسي موٽرسائيڪل سوار عبدالله لانگاهه ۽ سندس ڀائٽيو عطا الله دعا گهرڻ لاءِ محمد پور اوڍو وڃي رهيا هئا ته رتا بئراج وٽ حادثو پيش آيو. حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار عبدالله لانگاهه ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀائٽيو عطا الله زخمي ٿي پيو. حادثي بعد فوتي جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. عبدالله لانگاهه جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته لاڙڪاڻي جي نظر پاڙي واسي موٽرسائيڪل سوار عبدالله لانگاهه ۽ سندس ڀائٽيو عطا الله دعا گهرڻ لاءِ محمد پور اوڍو وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. مٽياري ويجهو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان حيدآباد جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي. 2 ڏينهن اڳ ڳوٺ پاهڙ جمالي واسي ذوالفقار عرف ببلو جمالي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو هو. زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد اماڻيو ويو هو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ذوالفقار جمالي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30 ° C
30 °
30 °
26%
5.6m/s
0%
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون