سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. روهڙي جي نيشنل هاءِ وي ريلوي اوور پل تي ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار زال مڙس فوت ٿي ويا. نوجوان عبدالقادر ڦلپوٽو پنهنجي گهر واري شهناز سان گڏ صالح پٽ وڃي رهيو هو ته واپسي تي روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويو. فوتي جوڙو خيرپور جي علائقي ڳوٺ قطب الدين ڦلپوٽي جو رهواسي آهي ۽ کيس ٽن ٻارڙن جي اولاد آهي. ماتلي ۾ حيدرآباد باءِ پاس روڊ تي ٽينڪر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو. ڳوٺ علي خان رند واسي نوجوان 38 ورهين جو ويرمون ڪولهي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته سندس گهر واري 33 ورهين جي پاري ڪولهي زخمي ٿي پئي. پني عاقل ڀرسان قومي شاهراهه تي روڊ پار ڪرڻ دوران گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ نينگر فوت ٿي ويو. ڳوٺ حاجي خان گهڃي ۾ 15 ورهين جو نينگر انعام الله گهڃو فوت ٿي ويو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
37%
1m/s
0%
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون