تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ست ڄڻا فوت

- Advertisement -
ڪنڌڪوٽ ويجهو رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا . انڊس هاءِ وي تي اوڳاهي لاڙي وٽ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو . شڪارپور ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو . شڪارپور باءِ پاس تي جنو اسٽاپ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ جنو ڳوٺ واسي عمران مهر ٿڏي تي دم ڏنو، جڏهن ته لياقت ڀرچونڊ زخمي ٿي پيو. ٽنڊي الهيار ۾ موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڊي سي چوڪ ڀرسان موٽرسائيڪل ڀت سان ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ 24 ورهين جو نوجوان منظور قمبراڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمي تنوير خاصخيلي ۽ تاج محمد مغل کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. نئين ڪوٽ ويجهو سوزڪي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. فوتي شخص جي سڃاڻپ نئين ڪوٽ جي گنج بخش ڪالوني واسي انب پٽ کيمون ڀيل طور ٿي. ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو . ماتلي باءِ پاس تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ مير محمد لاشاري واسي ذوالفقار عرف ڀٽو لاشاري زخمي ٿي پيو هو، کيس ڪراچي جي خانگي اسپتال داخل ڪيو ويو هو، جتي هن اڄ دم ڏنو. لکي غلام شاهه ويجهو ڪجهه ڏينهن اڳ  روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل وڪيل زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ محمد آباد جو رهواسي وڪيل محمد پناهه چنو اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. فوت ٿيل وڪيل محمد پناهه چنو جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وڪيل محمد پناهه چنو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو هو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
45 %
1.3kmh
8 %
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون