سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ نينگري فوت ۽ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ نينگري فوت ۽ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اوٻاوڙي ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ نينگري فوت ۽ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

قومي شاهراهه تي تيز رفتاري سبب موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب 6 ورهين جي فاطمه سولنگي فوت ٿي وئي جڏهن ته سڪينه سولنگي ۽ امير سولنگي زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي نينگري جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

ڪوٽڏيجي ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.

ڪوٽ بنگلو ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر سبب ملهه پهلوان محمد خان ڦل سخت زخمي ٿي پيو.

حادثي بعد زخمي محمد خان ڦل کي ڪوٽڏيجي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.9 ° C
24.9 °
24.9 °
36%
3.8m/s
6%
ڇنڇر
25 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون