تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مذهبي ڀائيچارو اسان جي ثقافت، سنڌو درياهه جي اسان جي معيشت جي عنوان سان ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ريليون

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مذهبي ڀائيچارو اسان جي ثقافت، سنڌو درياهه جي اسان جي معيشت جي عنوان سان ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ريليون ڪڍيون پيون وڃن، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن پاران هزارين سال پراڻي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. ڀريا روڊ ۾ ثقافتي عيد جي موقعي تي شهرين پاران عبدالڪريم ڪاڪڙ، سيد جواد حسين شاهه، عزيز احمد چوهاڻ، ايڊووڪيٽ عبدالستار لهراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ شهرين پاران اجرڪ، ٽوپيون اوڍي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو. مورو ۾ صحافين، شهرين، سياسي سماجي شخصيتن طرفان ريلي ڪڍي مورو_دادو پل تي پهچي سنڌو درياهه ۾ گلن جي ورکا ڪري سنڌو کي ڀيٽا پيش ڪئي. ريلي ۾ شريڪ شهرين سنڌ ۽ سنڌو سان محبت جو اظهار ڪندي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو. نوري آباد ۾ سنڌي ميڊيا جي سڏ تي شهر جي مختلف علائقن مان ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون، جنهن ۾ شريڪ ننڍن وڏن سنڌي ٽوپي، پٽڪو ۽ اجرڪ اوڍي سنڌ سان محبت جو اظھار ڪيو . دادا ڀائي، ڪلوکوھر  ۽ نوري آباد جي مختلف اسڪولن مان ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي ھڪ نمبر مين چوڪ تان ٿي انڊسٽريز زون ڏانھن وينديون. ڪوٽڏيجي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي تاريخي ماڳ تي مختلف شهرن ۽ علائقن کان ريلين جي صورت ۾ پهچي رهيا آهن. اڏيرو لال جي مختلف علائقن مان ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون، جن ۾ اڏيرو لال اسٽيشن، طاهر هڱورو، نوبت مري، بائو خان پٺاڻ، شير محمد ٺوڙها سميت ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ علائقن مان نوجوان ۽ ٻارڙا ثقافتي ويس پائي ثقافتي عيد ملهائي رهيا آهن. ڄام صاحب ۾ تقريب پريس ڪلب آڏو ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور فنڪارن سنڌي گيت ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو. تقريب ۾ شهرين سنڌي ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪا پهريا، جڏهن ته گلن جهڙن ٻارڙن پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. سجاول جوڻيجو ۾ به شهرين محمد صالح ڀٽو، نيڪ محمد ساريو، حاجن لانگاهه، علي خان ڀٽي، رياض ڀٽو، اميد بوزدار ۽ ٻين طرفان شاندار ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ٻارڙن پڻ ثقافتي ويس پهري شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن سنڌو درياهه مٿان ڌاڙو نامنظور، نوان ڪئنال نا منظور جا نعرا هنيا ۽ سنڌي گيتن تي رقص ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
53 %
2kmh
8 %
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
35 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون