- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نئيون وهي اچڻ، شاخن، واهن ۽ سم نالن کي گهارا پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.
بدين ويجهو اولڊ قاصيا واهه کي گهارو پوڻ سبب ڳوٺ ۽ فصل ٻڏي ويا آهن.
اطلاع باوجود آر ڊي 45 وٽان لڳل گهارو بند ڪرڻ لاءِ ڪوبه آبپاشي عملدار نه پهتو، مقامي ماڻهن گهارو بند ڪري ورتو.
گولاڙچي ويجهو شير واهه شاخ بعد بهادر واهه کي 20-20 فوٽ جا 2 گهارا پوڻ ۽ امير شاهه سم نالي کي لڳل گهارو وڌي 100 فوٽ ٿيڻ سبب پاڻي فصل ٻوڙيندي سرڪاري اسپتال ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو.
ڳوٺ آدم جت وٽان شير واھه شاخ کي 20 فٽ گھارو پوڻ سبب سارين جو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو.
بهادر واهه کي 20-20 فوٽ جا ٻه گهارا لڳڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ۽ ڏهن کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.
امير شاھه سم کي لڳل گھارو بند نه ٿيڻ سبب وڌي 100 فوٽ ٿي ويو، ويهن کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ گولاڙچي اسپتال ۾ پاڻي هيٺ داخل ٿي ويو.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته انتظاميا طرفان ڪا به مدد ناهي ڪئي وئي پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏ پلاڻ شروع ڪئي آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شير واهه ۽ سم نالي کي لڳل گهارا بند ڪرائي سندن واهر ڪئي وڃي.
ڊگهڙي ويجهو بدين ضلعي جي حد ڪانگڻي موري اسٽاپ وٽان سم نالي کي گهارو پوڻ سبب پنج ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.
گهارو بند نه ٿيڻ سبب ڳوٺاڻن پاران لڏ پلاڻ ڪئي پئي وڃي.
ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گهارو بند ڪرائي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.
جهڏي ويجهو پراڻ ندي ڀرسان سورهين واري بند کي هڪ سئو فوٽ گهارو پوڻ سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.
بند کي لڳل گهارو بند نه ٿيو ته اسلم ٽائون، رٻاري ڀڏو، صغير ڪالوني، ڳوٺ احمد خان کوسو، ڳوٺ پير بخش کوسي ۽ ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويندا.
ڳوٺاڻن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو ته هنگامي بنياد تي گهارو بند ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.
جوهي ويجهو نئه گاج ۾ پاڻي جي چاڙهه جو سلسلو جاري آهي.
پاڻي جي تيز وهڪرن جي داخل ٿيڻ بعد نئه گاج ۾ پاڻي جي سطح 19 فوٽ ٿي وئي.- Advertisement -
