سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٽن ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٽن ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي علائقا ٻڏي ويا، ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته فصلن کي به سخت نقصان پهتو آهي. حيدرآباد ۾ مسلسل 24 ڪلاڪ پيل برسات سبب ڪيترائي علائقا ٻڏي ويا، جڏهن ته شهر ۾ بجلي بند هجڻ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ميرپورخاص ضلعي جي ستن تعلقن حسين بخش مري، سنڌڙي، شجاع آباد، ڪوٽ غلام محمد ۽ جهڏي ۾ برسات سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻ، بصر، ٽماٽي ۽ پنيري جو فصل ٻڏي ويو آهي، جڏهن ته ڳوٺن ۾ پاڻي بيهڻ سبب ماڻهن لڏپلاڻ ڪري اسڪولن ۾  پناهه ورتي آهي. مٺي ۾ برسات سبب ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته سوَن جي تعداد ۾ چوپايو مال چارو نه ملڻ سبب مري ويو آهي. ڪنري گذريل رات کان مسلسل پوندڙ برسات سبب ڀڏو، ڪپري، ٽالهي، چيل بند، ساڏوري سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته مقرر ڪيل فوڪل پرسن برسات متاثرن جي ڪا به سار نه لڌي آهي ۽ پاڻي ڪڍڻ لاءِ سرڪاري مشينري آفيسن ۾ ئي پيل آهي. ڄام نواز علي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني برساتن سبب اسڪولن ۽ اسپتالن سميت هيٺانهين وارا ٻڏي ويا آهن. ٽنڊي غلام حيدر سميت تعلقي جي 8 يونين ڪائونسلن ڏندو، نظرپور، مويا، جمال الدين لاشاري، لکي ايٽ ميرواهه، يوسف چانگ، نصير چانگ شهري آبادي توڙي ڳوٺن ۾ پاڻي بيهڻ سبب روڊ رستا ٻڏي ويا آهن. دوداپور جي پنهون ڀٽي واري علائقي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 15 ورهين جو معذور مير حسن ڪٽوهر فوت ٿي ويو. مرزا پور جي ڳوٺ منڌو جي وانڍ ۾ ڀت ڪرڻ سبب زخمي ٿيل پنجن ڄڻن مان نينگري اقصيٰ ڌي سجاد جوڻيجو فوت ٿي وئي. ڊگھڙي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان 40 ڪلاڪن کان هلندڙ برسات سبب ڪيترائي علائقا ٻڏي ويا آهن، جڏهن ته فصلن کي سخت نقصان پهتو آهي. شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ڪنگورو شاخ، انب موري، صوفي آباد، ڪانگڻي موري، پراڻو دمبالو سميت ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ 40 ڪلاڪن کان برسات جو سلسلو جاري رهيو. گولاڙچي جي سامونڊي پٽي، ڪڙيو گهنور، کور واهه، خاناڻي، ترائي، احمد راڄو، راهوڪي، دُبي گهڙو سميت تعلقي جا ڪيترائي علائقا ٻڏي ويا آهن، جڏهن ته ڪارو گونگڙو ۽ امير شاهه سم نالن ۾ پاڻي جي چاڙهه سبب خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ڪيٽي بندر ڳاڙهو ٻگهاڻ سميت سامونڊي پٽي جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان هلندڙ طوفاني برسات سبب سم نالا اوور ٽاپ ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. ماتلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جاري برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۽ قبرستان ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو بيروزگاري سبب سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي. ٽالهي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 36 ڪلاڪن کان هلندڙ برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جڏهن ته فصل پڻ سخت متاثر ٿيا آهن، وقفي وقفي سان پوندڙ برسات سبب موبائل فون سروس معطل ٿي وئي آهي. اوڏيرو لال ۾ مسلسل برسات پوڻ سبب مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو آهي، جڏهن ته فصل ٻڏڻ سبب آبادگار سخت پريشان آهن، برسات سبب بجلي جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن. چوهڙ جمالي ۾ مسلسل پيل برساتن سبب ڪچا گهر ڊهي ويا، جڏهن ته ٻهراڙي جي علائقن ۽ ڳون جو شهر سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. شاهپورچاڪر ۾ برسات سبب المرتضيٰ ڪالوني ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ممتاز علي ملاح ۽ اياز انصاري زخمي ٿي پيا، جن کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو. مانجهند ۾ برسات پوڻ سبب شاهي بازار ۽ ٻين علائقن ۾ گٽر اٿلي پيا، جنهن سبب شهر درياهه جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته انتظاميا پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
43%
2.8m/s
0%
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
26 °

تازه ترين خبرون