سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چوٽياريون ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چوٽياريون ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. پٿورو ۾ ايس يو پي جي سڏ تي باب شاھ مردان شاھ آڏو قادر ڪنڀر، ڪرشن ڀيل، عرفان ڪنڀر، فيض سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. وارهه ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته هٿياربندن معمولي ڳالھه تان گوليون ھلائي ٽن ڄڻن کي قتل ۽ 18 ماڻھن کي زخمي ڪيو آھي، پر ان باوجود واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو، پوليس جوابدارن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آھن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري مظلومن سان انصاف ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23 ° C
23 °
23 °
46%
1.6m/s
0%
آچر
23 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون