- Advertisement -
سنڌ ترقي پسند پارٽي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌو درياهه تي 6 ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ تباهه ٿي ويندي، ايس ٽي پي ٽن مهينن کان سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ ڪينالن خلاف جهدوجهد ڪري رهي آهي.
اوٻاوڙو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سندن سموري قيادت ضلعي سانگهڙ ڌرڻي ۾ ويٺل آهي، ڪينالن خلاف جهدوجهد ڪري آهي عوام کي جاڳائڻو پوندو .
هن چيو ته جيڪڏهن پنجاب 6 ڪينال ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته سنڌ جو عوام پاڻي ڍڪ لاءِ ترسندو، پاڻي سنڌ جي جياپي جو مسئلو آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن زبردستي ڪئنال ڪڍيا ويا ته جنگ جي ميدان ۾ لهڻو پوندو.
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي ڌاڙيلن جي رحم وڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، بي گناھ ماڻهو ماريا وڃن ٿا، انهن جي ايف آءِ آر نٿي ڪئي وڃي، ان کان وڌيڪ سنڌ جي ماڻهن سان ڪهڙو ظلم هوندو.- Advertisement -
