- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌارڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 34 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
نوابشاهه ۾ الفجر هوٽل ڀرسان ٽريڪٽر جو ٽڪر لڳڻ سبب 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا.
ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾راند کيڏندڙ ٻارڙا وارث شر ۽ احسان کوسو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٻارڙن جا لاش اسپتال پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
نوري آباد ويجهو بس ۽ وين وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪنري واسي ٻه ڄڻا فوت ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون.
موٽر وي تي روڊ حادثي ۾ ڪنري واسي اي ڊبليو ٽريول ايجنسي جو ملڪ گلزار علي ۽ اسڪول ٽيچر انجنيئر عبدالرحمان فوت ۽ ٻه عورتون پڻ زخمي ٿي پيون.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتا منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪاررائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
فوتين جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
نئين ديري ويجهو ڳوٺ پنجو ديرو ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ پورهيت ٽائر ۾ ڦاسي فوت ٿي ويو.
حادثي ۾ پورهيت محمد صالح جروار موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
موقعي تي موجود ماڻهن فوتي جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
ميرپور ماٿيلي ڀرسان قاضي واهه بس اسٽاپ وٽ مسافر ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب پنجاب جي شهر لوڌرا جو رهواسي فوت ٿي ويو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
فيض گنج ويجهو جلال جي اسٽاپ وٽ روڊ حادثي ۾ ڪوٽ لالو واسي ٽائون ملازم فاروق خاصخيلي فوت ٿي ويو ۽ سندس ڀاءُ وڪيل نور محمد خاصخيلي زخمي ٿي پيو.
ميهڙ ويجهو شاهه گودڙيو جي زائرين سان حادثو پيش آيو آهي، 25 کان وڌيڪ پانڌيئڙا زخمي ٿي پيا آهن.
شاهه گودڙيو تي سکا کڻي ويندڙ هيسباڻي برادريءَ جي زائرين جو ٽريڪٽر ٽرالي سم شاخ ۾ ڪلٽي ٿي پيو، نتيجي ۾ عورتن، ٻارن ۽ مردن سميت 25 کان وڌيڪ زائرين زخمي ٿي پيا.
ڄامشوري ويجهو انڊس هاءِ وي تي ٽول پلازا ڀرسان ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب 5ڄڻا زخمي ٿي پيا.
حادثي ۾ اي ايس آءِ محمد ملوڪ بروهي، ڪانسٽيبل علي اڪبر پنهور، غلام حسين، پرويز کوسو ۽ نينگر حسنين زخمي ٿي پيا.
موٽروي پوليس سمورن زخمين کي کڻائي لياقت يونيورسٽي اسپتال منتقل ڪيو، جتين کين طبي امداد ڏني وئي.- Advertisement -
