- Advertisement -
ڪراچي جي صدر موبائل مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ڪيترائي دڪان سڙي ويا.
فائر برگيڊ عملدارن جو جو چوڻ آهي ته باهه پهرين ماڙ تي پهتي، باهه سبب ڪيترن ئي دڪانن کي نقصان پهتو جڏهن ته مارڪيٽ جي گهٽين ۾ رکيل ڪجهه ڪيبن به سڙي ويا.
فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته رات دير سان موبائل مارڪيٽ ۾ لڳل باهه تي 5 کان وڌيڪ فائر ٽينڊرز جي مدد سان ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، ڪجهه هنڌن تي معمولي باهه اڃان تائين لڳل آهي جنهن کي وسايو پيو وڃي.
ٻئي پاسي اليڪٽرونڪس ڊيلر ايوسيئيشن جي چيئرمين منهاج گلفام ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو شاهجهان مارڪيٽ، بسم الله مارڪيٽ ۽ ڀرپاسي جي دڪانن کي باهه لڳي جنهن جو ڪارڻ اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگھيو.
منهاج گلفام موجب، مارڪيٽ جو گھٽيون سوڙهيون هجن سبب باهه تيزي سان ڦلهجي وئي ۽ ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو.
هوڏانهن فائر آفيسر جو چوڻ آهي ته باه لڳڻ سبب ڪيترن ئي دڪانن کي نقصان پهتو آهي، دڪاندار دڪان کولي باهه وسائڻ نه پيا ڏين.- Advertisement -
