سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾10 ڄڻا فوت ۽ 21 زخمي ٿي پيا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾10 ڄڻا فوت ۽ 21 زخمي ٿي پيا. سن ويجهو وين ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا. سرائي سولنگي وٺ انڊس هاءِ وي تي حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا. اطلاع تي امدادي ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نوري آباد ويجهو موٽروي تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽  10 زخمي ٿي پيا آهن. ٿاڻو بولا خان انٽرچينج وٽ حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ٽرالر سان  ٽڪرائجي ويو. حادثي ۾ مسافر ڪوچ ۾ سوار ٽي مسافر فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي ريسڪيو 1122 ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي  فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. حيدرآباد ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. هٽڙي باءِ پاس وٽ گاڏي جي ٽڪر ۾نوجوان فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. جهمپير ويجهو وين ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾زخمي ٿيل نوجوان فوت ٿي ويو. زخمي نوجوان بلاول چانگ سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو. ڊگهڙي ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي. جوڻيجا موري ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب تنوير ۽ مهتاب جوڻيجو زخمي ٿي پيا. زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي تنوير جوڻيجو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
20%
0.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون